ڀارت جو خطي تي بادشاهي واري خواب ڀورا ڀورا ٿيو، ملڪي خودمختياري جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو: خرم دستگير
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته عالمي برادري آڏو حقيقتون رکيون وينديون، بنا شاهدين جي پاڪستان خلاف مهم واري نظريي کي دفن ڪرڻو آهي.
ڀارت جو خطي تي بادشاهي واري خواب ڀورا ڀورا ٿي ويو، پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو.
وفاقي وزير مصد ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته روايتي جنگ ۾ پاڪستان کي پوئتي ڇڏڻ واري ڀارتي دعويٰ ڪوڙي ثابت ٿي.
خرم دستگير جو چوڻ آهي ته سفارتي ڪاميٽي ڀارتي اڳرائي ۽ پاڪستاني رد عمل تي عالمي برادري کي آگاهه ڪندي.
ڀارت پهلگام واقعي تي هن وقت تائين ثبوت پيش نه ڪيا آهن، هندتوا، تعصب ۽ جنگي جنون خطي لاءِ سخت خطرو آهن، خطي ۾ جٽادار امن ڪشمير مسئلي جي حل سان ڳنڍيل آهي.