تازہ ترین

ٺل: گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رحيم بخش نوناري جا چاپڙ ڪري پيا، شاگرد محفوظ

اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ڪلاس ۾ پيل ٽيبلون ۽ ڪرسيون ڀڃي پيون

ٺل (ويب ڊيسڪ) ٺل جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رحيم بخش نوناري جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا، شاگرد معجزاڻي نموني محفوظ.

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رحيم بخش نوناري جا چاپڙ ڪرڻ سبب ڪلاس ۾ پيل ٽيبل ۽ ڪرسيون ڀڃي پيون.

اسڪول جي استادن جو چوڻ آهي ته اسڪول ۾ اسميبلي هلي رهي هئي ته اوچتو ڪلاس جا چاپڙ ڪري پيا.

اسڪول جي ڪلاسن جو ڪم ناقص هجڻ ڪري اسڪول زبون حال ٿي ويو آهي، خوف سبب ڪلاس ۾ نٿا ويهون.

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رحيم بخش نوناري جي استادن ۽ شاگردن طرفان اسڪول جو مرمتي ڪم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.