صوبائي وزير ڊيوٽي تي موجود عملي ۽ اهلڪارن سان ملاقات ڪري تفصيل معلوم ڪيا
نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) جيل ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري طرفان نوابشاهه سينٽرل جيل جو اوچتو دورو.
صوبائي وزير ڊيوٽي تي موجود عملي ۽ اهلڪارن سان ملاقات ڪري تفصيل معلوم ڪيا.
صوبائي وزير علي حسن زرداري شهيد بينظير آباد سينٽرل جيل جي مختلف حصن جو معائنو ڪري صفائي جو جائزو ورتو.
قيدين جي اسپتال جو به دورو، صوبائي وزير جِي قيدين سان ملڻ آيل وارثن ۽ شهرين سان پڻ ملاقات، قيدين سان ملاقات لاءِ سهولتون ۽ عورتن کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت.
جيڪڏهن ڪنهن به آفيسر يا عملي خلاف شڪايت ملي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جيل کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري جي وارننگ.
سندس چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پرامن ۽ انصاف پسند سماج قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.