برطانوي حڪومت پراڻي ڇڪتاڻ کي حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ فعال ۽ متوازن ڪردار ادا ڪندي: گھُر
لنڊن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) برطانوي پارليامينٽ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪمشمير مسئلي تي ايٽمي جنگ لڳڻ جوکٽڪو ظاهر ڪندي نئين سر سفارتي رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
برطانوي پارليامينٽ انساني حقن بابت کٽڪن کي اجاگر ڪندي برطانوي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته اها پراڻي ڇڪتاڻ کي حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ فعال ۽ متوازن ڪردار ادا ڪندي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اها ڳالهه دارلعوام جي پرڏيهي معاملن جي ڪاميٽيءَ طرفان ڇپجندڙ هڪ رپورٽ ۾ چئي وئي آهي، جيڪا برطانيا جي ڏکڻ ايشيا بابت حڪمت عملي بابت هڪ وسيع جاچ جو حصو آهي.
قانون ٺاهيندڙن آگسٽ 2019ع کان پوءِ والاريل ڪشمير ۾ بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اطهار ڪيو، جڏهن ڀارتي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 370 تحت خطي ۾ خاص آئيني حيثيت کي ختم ڪيو هو.
رپورٽ ۾ فوج جي موجودگي ۾ اضافي، آزادين تي پابنديون، صحافتي آزاديءَ تي راتاها ۽ بي سبب گرفتارين جو حوالو ڏنو ويو آهي، رپورٽ موجب خطي ۾ جمهوري حقن ۾ واضح گھٽتائي واقع ٿي آهي.
برطانوي پارليامينٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪاميٽيءَ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ حڪمرانيءَ جو به جائزو ورتو پر انهن علائقن جي صورتحال والاريل ڪشمير کان مختلف قرار ڏني.