آزمائش ۾ هر پاڪستاني ملڪ تان جان نڇاور ڪندو، دشمن جي غلامي ڪنهن به غيرتمند کي قبول ناهي: خطاب
گجرانوالا (نيشنل ڊيسڪ) صدر مملڪ آصف علي زرداريءَ جو چوڻ آهي ته شهيد سرخرو آهن، ڌرتي آهي ته اسين سڀ آهيون، هيءَ ڌرتي ناهي ته ڪجهه به نه آهي.
آزمائش ۾ هر پاڪستاني ملڪ تان جان نڇاور ڪرڻ لاءِ تيار آهي، دشمن جي غلامي ڪنهن به غيرتمند پاڪستاني کي قبول ناهي.
گجرانوالا ۾ فوجي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي چيائين ته اسان دشمن جي اکين ۾ اکيون ملائي ڏسي سگهون ٿا، پاڪستان هڪ ملڪ، هڪ قوم ۽ هڪ اسلامي جمهوري رياست آهي.
صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو ته ڀارت کي خبر پئجي وئي هوندي ته اصل جوانن سان مقابلو ڪيئن ٿيندو آهي.
الله تعاليٰ پاڪ فوج کي ڪاميابي ڏني، دنيا کي پيغام ڏئي ڇڏيو، پاڪ فوج جي جوانن کي حق جي جنگ ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيان ٿو.