ذهني مفلوج ماڻهو ئي 24 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جو پاڻي روڪڻ جو سوچي سگهي ٿو: عرب ٽي وي کي انٽرويو
راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارت پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته نتيجا ڏهاڪن تائين محسوس ڪيا ويندا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر عرب ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ذهني طور مفلوج ماڻهو ئي 24 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جو پاڻي روڪڻ جو سوچي سگهي ٿو.
ڀارت پاڻي جي ورڇ واري معاهدي کي هڪ طرفو معطل نٿو ڪري سگهي، ڀارت پهلگام واقعي جو الزام پاڪستان تي لڳايو.
هن چيو ته اسان پنهنجي ڪيل واعدن جي مڪمل پاسداري ڪئي آهي، پاڪستاني فوج طرفان جنگبندي برقرار رهندي.