شيرانپور وٽ هٿياربندن گاڏي نه بيهارڻ تي فائرنگ ڪري مزدا جا ٽائر برسٽ ڪري ڇڏيا
دائوجهانپور (ويب ڊيسڪ) دائوجهانپور ۽ ميرپور ماٿيلي مان 2 ڄڻا اغوا، شيرانپور ڀرسان پٿر موڙ وٽ هٿياربندن گاڏي نه بيهارڻ تي فائرنگ ڪري مزدا جا ٽائر برسٽ ڪري ڇڏيا.
هٿياربند ڊيره الهيار واسي مزدا ڊرائيور نيڪ محمد پنهيار کي اغوا ڪري کڻي ويا.
پوليس موجب هٿياربندن جو پيڇو ڪيو پيو وڃي، جلد مغوي کي بازياب ڪرايو ويندو.
ميرپورماٿيلي ڀرسان ڳوٺ قبول کونھارو ويجهو هٿياربند ٻنيءَ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ويل وقاص احمد ملڪ کي اغوا ڪري ويا.