تازہ ترین

پيپلزپارٽي ڪڏهن به سنڌ جي معاملن تي ٺاهه ناهي ڪيو: ناصر حسين شاهه

ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ڪندڙ ڪهڙي منهن سان ڪينالن بابت ڳالهائن پيا: ورڪزر ڪنوينشن کي خطاب

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به سنڌ جي معاملن تي ٺاهه ناهي ڪيو.

ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ڪندڙ ڪهڙي منهن سان ڪينالن بابت ڳالهائن پيا، صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي هوندي ڪينال نه ٺهندا.

صوبائي وزير ناصر شاهه ٺٽي ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي عوامي پارٽي سنڌ جي معاملن تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪندي.

ان موقعي تي محمد علي ملڪاڻي چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي عوام سان گڏ آهي، پيپلزپارٽي هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي.

ورڪرز ڪنوينشن ۾ صوبائي وزير جيل کاتو علي حسن زرداري، نثار احمد کهڙو، صادق ميمڻ سميت ٻين صوبائي وزيرن ۽ صلاحڪارن شرڪت ڪئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.