تازہ ترین

سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري، ريليون، مظاهرا ۽ ڌرڻا

ڏهرڪي، جوهي، دڙو ۽ نوشهروفيروز ۾ مختلف سياسي ماجي تنظيمن پاران احتجاج ڪري ڌرڻا هنيا ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري، ريليون، مظاهرا ۽ ڌرڻا.

ڏهرڪي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو، عوامي ڌرڻي جي ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، سنڌپنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون.

مظاهرين پاران سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا.

دڙو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي ادبي تنظيمن پاران ڊڀو موري اسٽاپ کان  5  ڪلو ميٽر پيادل مارچ.

جوهي ۽ نوشهروفيروز ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا مظاهرا، ڪنڊيارو ۾ سنڌو تي ڪئنال اڏڻ  خلاف تعلقي بار جي  وڪيلن  پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، احتجاجي مظاهرو.

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌوءَ تي ڪئنال اڏي سنڌ جون زمين بنجر بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر سنڌ واسي ڪئنالن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.