تازہ ترین

سنڌ سرڪار پاران هر ضلعي ۾ 5 ارب رپين جون ترقياتي اسڪيمون ڏيڻ جو اعلان

چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي عوام وٽ وڃي رهيا آهيون: ٺٽي ۾ پيپلز پارٽي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار پاران هر ضلعي ۾ 5 ارب رپين جون ترقياتي اسڪيمون ڏيڻ جو اعلان.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي عوام وٽ وڃي رهيا آهيون.

مراد علي شاهه  چيو ته ڪارڪنن سان رابطا وڌائڻ جي شروعات ٺٽي کان ڪئي آهي، سنڌ جي هر ضلعي ۾ وينداسين.

وڏي وزير چيو ته گذريل بجيٽ ۾ عوام کي ڪا نئين اسڪيم نه ڏئي سگهيا، ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي نيون اسڪيمون ڏنيون وينديون.

سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺاهي رهيا آهن، ٻوڏ متاثرن کي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏنا ويندا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.