ملاقات دوران امن امان جي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ
ڪوئيٽا (نيشنل ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات.
ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات دوران امن امان جي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سرفراز بگٽي چيو ته صوبي ۾ جٽادار امن ۽ ترقي لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.
دهشتگردن جي ارادن کي ناڪام بڻايو ويندو ۽ بلوچستان کي پرامن ۽ خوشحال صوبو بڻايو ويندو.