پڪڙيل افغانين کي ترسائڻ لاءِ ڪياماڙي ڪراچي ۽ جيڪب آباد ۾ ڪئمپون قائم ڪيون وينديون
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ غيرقانوني ترسيل افغان شهرين کي واپس موڪلڻ لاءِ سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
پوليس پاران پڪڙيل افغانين کي ترسائڻ لاءِ ڪياماڙي ڪراچي ۽ جيڪب آباد ۾ ڪئمپون قائم ڪيون وينديون.
پڪڙيل افغانين کي افغانستان واپسي جي ٽرانسپورٽ جي بندوبست ٿيڻ ۽ دستاويزي انتظام مڪمل ٿيڻ تائين ڪياماڙي ۽ جيڪب آباد ڪئمپن ۾ ترسايو ويندو.