مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ عورت سميت 3 ڄڻا قتل
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ عورت سميت 3 ڄڻا قتل.
روهڙي ڀرسان ڳوٺ کاهي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي زال نصيران منگي کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جوابدار شمن علي منگي کي گرفتار ڪري ورتو.
نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ مٺو ککراڻي ۾ معمولي ڳالهه تان ککراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، جوابدارن بندوق جا فائر ڪري خالد پٽ جادل ککراڻي کي قتل ڪري ڇڏي، پوليس موجب ڌريون پاڻ ۾ پڦاٽ ۽ ماروٽ آهن.
ميهڙ ۾ پئسي جي ڏيتي ليتي تان جتوئي ۽ ڪمانگر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ بخت علي جتوئي قتل ٿي ويو، سجاد ۽ اظهر جتوئي زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل