اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان ۾ خلائي تحقيق جي اداري اسپيس اينڊ اپر ايٽماسفيئر ريسرچ ڪميشن (سپارڪو) ملڪ جي پهرئين چنڊ مشن جو نالو تجويز ڪرڻ تي هڪ لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو آهي.
رپورٽن موجب پاڪستان خلائي تحقيق ۾ اهم سنگ ميل عبور ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ملڪ جو پهريون چنڊ روور مشن 2028 ۾ روانو ڪيو ويندو.
سپارڪو پاڪستان جي پهرئين چنڊ روور مشن جو نالو رکڻ جي لاءِ سموري ملڪ ۾ اعلان ڪيو آهي.
عوام کي ملڪ جي پهرئين چنڊ مشن جو نالو تجويز ڪرڻ جي آڇ ڪندي فاتح کي هڪ لک رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.