تازہ ترین

يوناني سياحتي جزيرن تي 20 ڏينهن ۾ زلزلي جا 19 هزار لوڏا، ايمرجنسي لاڳو

ايٿينز (انٽريسٽنگ ڊيسڪ) يونان جي سياحتي جزيرن ۾ هڪ هفتي دوران زلزلي جا هزارين لوڏا محسوس ڪرڻ کان پوءِ اسڪولن ۾ موڪلون ويون آهن، جڏهن ته سياحن جي اچ وڃ تي به پابندي لڳائي وئي آهي.

فرانسيسي خابرو اداري موجب 3 هفتن کان ڊيونيسيا جي بائيو نالي ٽيچر يوناني جزيري امورگوس ۾ پنهنجي شاگردن سان پريشانين کي منهن ڏئي رهي آهي، جتي زلزلي جا هزارين لوڏا محسوس ڪيا ويا.

يوناني عملدارن جزيري امورگوس، ان جي مشهور پاڙيسري جزيرن سانتوريني ۽ٻين جزيرن تي واقع سمورا اسڪول بند ڪري 21 فيبروريءَ تائين موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

زلزلي جي هزارين لوڏن سبب يوناني حڪومتي عملدار پڻ پريشان آهن ۽ جزيرن تي ايندڙ لاڳيتي زلزلي جي لوڏن بعد سائنسدانن پڻ اوڏانهن جو رخ ڪيو آهي.

يونيورسٽي آف ايٿنز جي زلزلو ماپيندڙ ليبارٽريءَ موجب 26 جنوريءَ کان 14 فيبروريءَ جي وچ ڌاري سائڪلاڊس جزيرن تي 19 هزار 200 کان وڌيڪ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.

امورگوس ۽ 3 ٻين جزيرن تي 11 مارچ تائين هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.