ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سرڪاري گودامن مان هڪ لک 70 هزار کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سنڌ جي خوراڪ کاتي 4 فوڊ سپروائيزرن کي ڪڻڪ جون ٻوريون غائب ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽن موجب سنڌ جي سرڪاري ڪڻڪ جي گودامن مان هڪ لک 70کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيڻ کان پوءِ خوراڪ کاتي 4 فوڊ سپروائيزرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن.
خوراڪ کاتي فوڊ سپرائيوزرن لاڙڪاڻو نثار ميرجت، ذوالفقار علي نوناري، محمد شريف ڀٽو ۽ اياز علي مشوريءَ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کانئن وضاحت طلب ڪئي آهي.
نثار ميرجت تي ڪڻڪ جون 1926 ٻوريون، ذوالفقار نوناريءَ تي 7041 ٻوريون، محمد شريف ڀٽو تي هڪ لک 54 هزار 813 ٻوريون جڏهن ته اياز علي مشوريءَ تي 6 هزار 402 ٻوريون غائب ڪرڻ جو الزام آهي.
چئني فوڊ سپروائيزرن کي 14 ڏينهن ۾ لکت ۾ وضاحت ڏيڻ جي مهلت ڏني وئي آهي، جواب تسلي بخش نه هيو ته کين فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪري نوڪريءَ تان هٽايو ويندو.