اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائيءَ جو گراف وڌيڪ گھٽ ٿيندو.
خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مهانگائيءَ جي شرح سنگل ڊجٽ تي اچي وئي آهي ۽ بئنڪن جو مارڪ اپ ريٽ بهتر ٿيو آهي.ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائيءَ جو گراف وڌيڪ گھٽ ٿيندو.
وزيراعظم چيو ته حڪومت جي بهتريءَ جي لاءِ قدم کنيا ۽ سفارشي ڪلچر کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
معيشيت کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ به ڏينهن رات محنت ڪئي آهي پر اڃا وڌيڪ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته آهستي آهستي عوام کي بهتر معيشيت جا ثر ملي رهيا آهن.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سياسي جھيڙن سان نفرت ڦهلجندي آهي جيڪا ملڪ جي لاءِ نقصان ڏيندڙ آهي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ نفرت جو ڪلچر وڌيو جنهن ملڪ کي نقصان پهچايو.