ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر پاران انڊس هاءِ وي نه ٺهڻ جو سبب پڇڻ لاءِ اين ايڇ اَي چيئرمين کي ايوان ۾ طلب ڪرڻ جو اعلان.
سيد اويس قادر شاهه چيو آهي ته هو هلندڙ هفتي اين ايڇ اَي چيئرمين کي لکندو، اسيمبلي ۾ اچي بريف ڪري ته انڊس هاءِ وي ڇو نه ٺهي رهيو آهي.
هن کي اهو جواب ڏيڻو پوندو ته ڇا سبب آهن جو سنڌ ۾ وفاق جا منصوبا دير جو شڪار آهن.
سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري معاملي تي وزيراعظم آئين موجب 90 ڏينهن اندر گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائي.