ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي موجب طاقتور اولانهين هوائن جو سلسلو اڄ کان 22 فيبروريءَ تائين ملڪ تي اثرانداز ٿيندو جنهن جي تحت ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات ۽ جبلن تي برف چوڻ جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزئي نگارن موجب پاڪستان جي 70 کان 80 سيڪڙو ارين علائقن کي به اهو سسٽم متاثر ڪري سگھي ٿو، خيبرپختون خوا، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير تي به اسٽ جو اثر ٿيندو، سسٽم جي ڪري جبلن تي برف پوڻ ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ وچين سطح ۽ تيز برسات جو امڪان آهي.
موسمياتي ماهرن موجب سنڌ ۾ ان سسٽم جي ڪري في الحال برساتن جو امڪان ناهي پر بلوچستان ۾ ان سسٽم جي اثر سبب سٺيون برساتون پوڻ جو امڪان آهي، ڪوئيٽا، زيارت، زوب، قلعو سيف الله ۽ خضدار جي جابلو علائقن ۾ برف پوڻ جو امڪان آهي،
موسمياتي ماهرن موجب اولانهين هوائن جو سسٽم گوادر، پسني، تربت ۽ اوڙماره ۾ هلڪي ۽ وچين درجي جي برسات وسائي سگھي ٿو، بلوچستان ۾ ڪٿي ڪٿي ڳڙو وسڻ جو به امڪان آهي.