ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز جو اهم مقابلو اڄ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ کيڏيو پيو وڃي جتي آفريڪي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
هن وقت ڏکڻ آفريڪا جي پاڪستان خلاف بيٽنگ جاري آهي ۽ 12 اوورن جي راند مڪمل ٿي چڪي آهي.
آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم 77 رنسن ٺاهي ورتيون آهن، پاڪستان طرفان شاهين آفريءَ پهرين وڪيٽ حاصل ڪئي.
اڄوڪي فاتح ٽيم 14 فيبروريءَ تي نيوزيلينڊ شان فائنل کيڏندي.
پاڪستان ٽيم ۾ فخر زمان، بابر اعطم، سعود شڪيل، محمد رضوان، سلمان علي آغا، طيب طاهر، خوشدل شاهه، شاهين آفريدي، محمد حسنين، نسيم شاهه، ابرار احمد ٽيم جو حصو آهن.
ملڪي ٽيم جي ڪپتان رضوان چيو ته نيون ڪنڊيشنز آهن، نئون ڏينهن آهي، اسان کي سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي، سلما آغا سٺي بالنگ ڪندو آهي، نٿو لڳي ته اسان کي ڪنهن واڌو اسپنر جي ضرورت پوندي.
ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ٽمبا باووما ٽاس کٽڻ وقت ڳالهائيندي چيو ته ٽيم ۾ چار تبديليون ڪيون آهن، ٽوني ڊي زورزي، هينرڪ ڪلاسن، ڪوبن بوش، ڪيشو مهاراج پليئنگ اليون ۾ شامل آهن.