تازہ ترین

February 12, 2025

Year : 2025

صدر آصف علي زرداري پرتگال جو دورو مڪمل ڪري ڏيهه پهچي ويو

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري پرتگال جو دورو مڪمل ڪري ڏيهه پهچي ويو. صدر آصف علي زرداري لزبن ۾ پرنس رحيم خان سان والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. صدر آصف علي زرداري پرتگال جي هم منصب سان پڻ ملاقات ڪئي.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو ڪراچي ۾ رينجرز هيڊ ڪوارٽرز جو دورو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو ڪراچي ۾ رينجرز هيڊ ڪوارٽرز جو دورو، شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري. گهرو وزير کي سنڌ رينجرز پاران آپريشنل تيارين،  اوڀرندي سرحد، سنڌ جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف جاري آپريشن، اسمگلنگ کي روڪڻ، پاڻي چوري خلاف آپريشن ۽ ڪراچي ۾ امن […]

هميشه قانون جي بالادستي کي يقيني بڻايو: جسٽس صلاح الدين پنهور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سپريم ڪورٽ ۾ بدلي ٿيل سينيئر ترين جج جسٽس صلاح الدين پنهور فل ڪورٽ بينچ کي خطاب ڪندي چيو آهي ته هميشه قانون جي بالادستي کي يقيني بڻايو، پنهنجي ڪيريئر دوران سدائين ڪوشش ڪئي ته عام ماڻهوءَ کي فيصلن مان فائدو ملي، نرم ۽ هاڪاري سوچ سان ڪم […]

ٽه ملڪ سيريز، پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ميچ کيڏي پئي وڃي

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز جو اهم مقابلو اڄ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ کيڏيو پيو وڃي جتي آفريڪي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. هن وقت ڏکڻ آفريڪا جي پاڪستان خلاف بيٽنگ جاري آهي ۽ 12 اوورن جي راند مڪمل ٿي چڪي آهي. آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم […]

اردن جي بادشاهه عبدالله جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اردن جي بادشاهه عبدالله آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اردن جي بادشاهه عبدالله جو استقبال ڪيو، ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ جنگبندي جي حوالي سان خيالن جِي ڏي وٺ ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان غزه کي خريد نه پيا ڪريون، اسان صرف غزا […]

بجليءَ جي قيمتن تي آءِ ايم ايف جي نه مڃڻ جو کٽڪو هاڻي ناهي رهيو: وزيراعظم

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بجليءَ جي قيمتن تي آءِ ايم ايف جي نه مڃڻ جو هاڻ ڪو کٽڪو ناهي رهيو، آءِ ايم ايف سربراهه چيو آهي ته منصوبو ٺاهي کڻي اچو ته اسان ڳالهائڻ جي لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته […]

مهاجر قومي موومينٽ سربراهه آفاق احمد ڊمپر ساڙائڻ واري ڪيس ۾ جيل حوالي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مهاجر قومي موومينٽ جو سربراهه آفاق احمد ڊمپر ساڙائڻ واري ڪيس ۾ جيل حوالي. پوليس آفاق احمد ۽ ٻين جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي. عدالت جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي آفاق احمد ۽ ٻين جوابدارن جو جڊيشل رمانڊ ڏئي ڇڏيو. عدالت رمارڪس ڏنا […]

سيتا روڊ ڀرسان ڀرٽ برادري ۾ زميني تڪرار تان جهيڙي دوران 2 ڄڻا مارجي ويا

سيتا روڊ (ويب ڊيسڪ) سيتا روڊ ڀرسان ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙي دوران 2 ڄڻا مارجي ويا، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، ڳوٺ ڪوٺي کوکر ويجهو فائرنگ ۾ محمد مبين ڀرٽ ۽ شمس الدين ڀرٽ قتل ٿي ويا، گوليون لڳڻ سبب صدام ڀرٽ زخمي ٿي پيو، واقعي بعد مقتولن جا […]

سپريم ڪورٽ: آئيني بينچ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي، درخواست گذارن جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته 1975ع ۾ ايف بي علي ڪيس ۾ پهريون ڀيرو ٽو  ون ڊي ون جو ذڪر ٿيو، آرمي ايڪٽ ۾ ڪنهن به ترميم […]

آءِ ايم ايف طرفان ادارن ۾ سڌارن تي پاڪستان جو عزم واکاڻ جوڳو قرار

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) آءِ ايم ايف طرفان ادارن ۾ سڌارن تي پاڪستان جو عزم واکاڻ جوڳو قرار، وزيراعظم شهباز شريف ۽ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جارجيوا وچ ۾ گذريل ڏينهن دبئي ۾ ٿيل ملاقات بابت پڌرائي جاري، ملاقات دوران آءِ ايم ايف پروگرام ۽ حڪومتي سڌارن ذريعي معاشي استحڪام بابت ڳالهيون […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.