اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بجليءَ جي قيمتن تي آءِ ايم ايف جي نه مڃڻ جو هاڻ ڪو کٽڪو ناهي رهيو، آءِ ايم ايف سربراهه چيو آهي ته منصوبو ٺاهي کڻي اچو ته اسان ڳالهائڻ جي لاءِ تيار آهيون.
وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سعودي عرب جي خودمختياريءَ ۽ علائقائي سالميت کي پاڪستان ڪڏهن به ڪوسو واءُ لڳڻ نه ڏيندو، ابوظهبيءَ ۾ آرمي چيف سان يو اي اِي جي صدر سان اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، سيڙپڪاريءَ جي منصوبن تي ڳالهه ٻول ٿي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته دبئي ۾ ورلڊ گورنمينٽ سمٽ جي موقعي تي سريلنڪا، يوسنيا، ڪويت جي اعليٰ قيادت سان به ملاقاتون ٿيون.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دبئي ۾ پاڪستاني سيڙپڪارن سان ملاقاتون ٿيون جن وڏي دوستاڻي ماحول ۾ هاڪاري صلاحون پيش ڪيون ۽ چيو ته وزيراعظم ڪاروبار دوست ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي.
شهبازشريف چيو ته مون سيڙپڪارن کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ميڪرو اڪانامڪ مضبوطي حاصل ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي معاشي شرح تي اسان کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي آهي، توهان پاڪستان اچي اسان کي صلاحون ڏيو، اسان انهن کي غور سان ٻڌنداسين ۽ انهن تي عمل ڪنداسين.
وزيراعظم چيو ته دبئي ۾ ڊي پي ورلڊ جي سي اِي او سان به ملاقات ٿي، ان جو ڪراچيءَ کان پپريءَ تائين وارو پروگرام به تيار آهي.
هن چيو ته مون دبئي سمٽ ۾ غزه بابت پاڪستاني موقف کي ڀرپور نموني پيش ڪيو، 50 هزار فلسطيني شهيد ڪيا ويا آهن، نسل ڪشيءَ جو ان کان وڌيڪ بدترين مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، هاڻي اميد ڪرڻ گھرجي ته اتي امن قائم ٿيندو ۽ بحاليءَ کان پوءِ زندگي گذارڻ جا کين موقعا ملندا.