تازہ ترین

اردن جي بادشاهه عبدالله جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اردن جي بادشاهه عبدالله آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اردن جي بادشاهه عبدالله جو استقبال ڪيو، ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ جنگبندي جي حوالي سان خيالن جِي ڏي وٺ ڪئي.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان غزه کي خريد نه پيا ڪريون، اسان صرف غزا کي چڱي ريت هلائڻ جا خواهشمند آهيون.

آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته غزا فلسطينين لاءِ محفوظ جڳهه ناهي، فلسطيني شهري ڪنهن ٻئي هنڌ محفوظ رهندا.

ٽرمپ چيو ته کيس 99 سيڪڙو يقين آهي ته مصر سان گڏجي ڪم ڪري سگهنداسين، اردن ۽ مصر پناهگيرن کي پنهنجي ملڪ ۾ وٺي وڃن، فلسطينين کي غزه واپس وڃڻ جو حق نه هوندو.

آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته غزا کي آمريڪي انتظاميا جي ماتحت ڪنداسين، اسرائيل سان اولهه واري علائقي جو الحاق ٿيندو.

هن چيو ته اردن ۽ مصر ۾ ڪجهه جاين تي فلسطيني رهي سگهن ٿا، اها پڪ ناهي ته حماس يرغمالين جي آزادي لاءِ هفتي جي ڊيڊ لائين تي پورو لهندي.

ان موقعي تي شاهه عبدالله جو چوڻ هو ته خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جا خواهشمند آهيون، ٽرمپ جي حمايت مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنداسين، اسان کي اهو ڪرڻو آهي جيڪو سڀني جي مُفاد ۾ هجي، اسان کي اڃا مصر جي طرفان منصوبي جو انتظار ڪرڻ گهرجي.

آمريڪي صدر سان ملاقات بعد اردن جي بادشاهه پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ٽرمپ سان ملاقات ۾ غزا مان فلسطينين جي نيڪالي کي رد ڪيو، تڪرار جو حل ٻه رياستي حل ذريعي ئي ممڪن آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.