اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان اسرائيلي وزيراعظم جي غير ذميواراڻي بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب اسرائيلي وزيراعظم جو فلسطينين بابت بيان چڙ ڏياريندڙ ۽ ناقابل قبول آهي. فلسطينين کي پنهنجي تاريخي وطن ۾ خودمختيار رياست جو حق حاصل آهي، پاڪستان سعودي عرب جي فلسطيني ڪاز جي لاءِ پنهنجي اخلاقي حمايت کي ساراهيو آهي. ان سلسلي ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته فلسطيني عوام کي پنهنجي وطن مان بيدخل ڪرڻ جي ڪا به سازش قبول نه ڪئي ويندي، پاڪستاني عالمي برادريءَ کان اسرائيلي وزيراعظم جي چڙ ڏياريندڙ بيان جي مذمت جو پرزور مطالبو ڪري ٿو. فلسطيني رياست جي قيام کان سواءِ ٻيو ڪو به حل قبول نه آهي.پاڪستان فلسطيني عوامي حقن جي لاءِ عالمي سطح تي پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.