تازہ ترین

جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر پاران جڊيشل ڪميشن اجلاس جو بائيڪاٽ

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ 8 نون ججز جي مقرريءَ جي لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس جاري آهي. ڊان نيوز موجب جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر جڊيشل ڪميشن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي ججز جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ شريڪ ناهن ٿيا. ياد رهي ته جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان ڪجھه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ جي ججز جن ۾ جڊيشل ڪميشن جا 2 ميمبر جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر به شامل آهن، اجلاس ملتوي ڪرڻ جي لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکيو هو، جڏهن ته ڪيشن ۾ شامل پي ٽي آءِ جي ميمبر علي ظفر بها جلاس مشروط طور ملتوي ڪرڻ جي لاءِ خط لکيو هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.