اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ 8 نون ججز جي مقرريءَ جي لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس جاري آهي. ڊان نيوز موجب جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر جڊيشل ڪميشن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي ججز جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ شريڪ ناهن ٿيا. ياد رهي ته جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان ڪجھه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ جي ججز جن ۾ جڊيشل ڪميشن جا 2 ميمبر جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر به شامل آهن، اجلاس ملتوي ڪرڻ جي لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکيو هو، جڏهن ته ڪيشن ۾ شامل پي ٽي آءِ جي ميمبر علي ظفر بها جلاس مشروط طور ملتوي ڪرڻ جي لاءِ خط لکيو هو.
Related posts

سنڌ جي سرڪاري گودامن مان ڪڻڪ جون لکين ٻوريون غائب ٿيڻ جو انڪشاف
February 18, 2025

وزيراعظم اڄ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو
June 23, 2025

