تازہ ترین

لبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي

طرابلس (انٽرنيشل ڊيسڪ) لبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ هڪ ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿي وئي. لبيا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان لبيا ۾ هڪ ٻي ٻيڙيءَ سان حادثي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته لبيا جي ڪناري جي ويجھو پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿي آهي. لبيا ۾ پاڪستاني سفارخاني موجب 65 مسافرن کي کڻي ويندڙ ٻيڙي مرسا ڊيلا جي بندرگاهه ويجھو اونڌي ٿي پئي. ترجمان موجب طرابلسن ۾ پاڪستاني سفارخاني جي ٽيم زاويه اسپتال رواني ڪئي وئي آهي، پاڪستاني سفارتخاني جي ٽيم مقامي عملدارن جي ٽيم امدادي ڪمن ۾ سهڪار ڪندي. لبيا جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ان بابت ڪرائسز مئنيجمينٽ يونٽ متحرڪ ڪيو ويو آهي ۽ ٻيڙي حادثي ۾متاثر ٿيندڙ پاڪستانين جا تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.