ڍاڪا (شوبز ڊيسڪ) بنگلاديش جون ٻه مشهور اداڪارائن ۽ ماڊلز کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، ميڊيائي رپورٽن موجب گذريل ڏينهن مشهور اداڪارا ۽ هدايتڪار مهر افروز کي گرفتار ڪيو ويو هو جنهن جي گھر کي اڻڄاتل ماڻهن باهه پڻ ڏئي ڇڏي هئي ۽ اداڪارا جي پيءُ جي گھر کي به اڻڄاتل وڳوڙين باهه ڏئي ڇڏي هئي. اڄ اداڪارا سهانا صبا کي به پوليس جاچ جي لاءِ گرفتار ڪري ورتو آهي، رپورٽن موجب اداڪارا کي اصل ۾ 6 فيبروريءَ تي بنگلاديشي فورسز پاران ڳجھه ڳوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ اداڪارا کان پڇاڳاڇا جي لاءِ کيس ڊٽيڪٽو برانچ جي آفيس ۾ رکيو ويو آهي، ڍاڪا ميٽرو پوليس جي ڊپٽي ڪمشنر ولبر رحمان اداڪارا سوهانا صبا جي گرفتاري ۽ کانئس جاچ جي تصديق ڪئي آهي. ان کان اڳ هدايتڪار ۽ اداڪارا مهر افروز سان کي به ڍاڪا جي علائقي ڌان منڊيءَ مان ان جي گھران گرفتار ڪري ڊٽيڪٽو برانچ منتقل ڪيو ويو آهي.