قلات (نيشنل ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ٽريفڪ حادثي سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، ٽريلر جي ٽڪر سبب ڪار سوار 4 ڄڻا موقعي تي اجل جو شڪار ٿي ويا. پوليس موجب ڪراچيءَ کان چار ماڻهو غلام فاروق، گل لطيف، سردار محمد ۽ شفيق الرحمان ڪار ۾ سوار ٿي ڪوئيٽا وڃي رهيا هئا ته قلات ويجھو سندن ڪار جو ڪراچي ويندڙ ٽريلر سان ٽڪر ٿي پيو. عملدارن موجب حادثو ايترو ته خطرناڪ هو جو ڪار انتهائي خراب طرح سان تباهه ٿي وئي آهي، حادثي سبب چارئي ڪار سوار مسافر موقعي تي فوت ٿي ويا، جن جا لاش ڪار مان ٻاهر ڪڍي قلات اسپتال منتقل ڪيا ويا، ريسڪيو ذريعن موجب مري ويندڙ سمورن ماڻهن جو تعلق ڪوئيٽا جي مستونگ واري علائقي سان آهي، پوليس ٽريلر جي ڊرائيور کي گرفتار ٽريلر کي قبي وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.