ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ڪراچي ۾ اوور لوڊنگ ۽ اوور اسپيڊنگ گاڏين خلاف ڪارروائي، ڊرائيورن کان ڏنڊ اوڳاڙي چئن گاڏين کي تحويل ۾ ورتو ويو، روڊ سيفٽي ڪميٽي ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون، ڪميٽي رستن تي اوور لوڊنگ، اوور اسپيڊنگ ۽ غير معياري ڪمرشل گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 33 گاڏين جي چيڪنگ ڪئي، شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ قانون جون ڀڃڪڙيون انساني حياتين لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿيون، ان لاءِ سنڌ حڪومت سخت ڪارروائي ڪري رهي آهي.