ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهرو صوبائي وزير ضياءَ لنجار ڪراچي جي پريڊي ٿاڻي جي لاڪپ ۾ شهري جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو، واقعي جي جاچ جو حڪم، ايس ايس پي ڏکڻ کان رپورٽ طلب، ضياءَ لنجار هدايت ڪئي ته شفاف جاچ ڪئي وڃي ته شهري پوليس جي حراست ۾ ڪيئن فوت ٿيو، واقعي ۾ ڪو ملوث ثابت ٿيو ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.