پشاور (نيشنل ڊيسڪ) پشاور ۾ خيبر ٽيچنگ هاسپيٽل (ڪي ٽي ايڇ) ويجھو هوٽل ۾ سئلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ميڊيائي رپورٽن موجب ريسڪيو 1122 جي ترجمان بلال فيضي موجب ڪي ٽي ايڇ ويجھو هوٽل سئلينڊر ڌماڪو ٿيو، اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ايمبولينس ۽ فائر ويڪل موقعي تي پهچي وئي ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون. هن چيو ته ابتدائي طور زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فائر فائيٽرز جلد ئي باهه تي قابو آڻي ورتو آهي.