تازہ ترین

اتر وزريستان ۾ آپريشن، پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ ۾ ملوث افغاني مارجي ويو

دته خيل (نيشنل ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز جي خيبرپختون خوا جي قبيلائي ضلعي اتر وزيرستا ۾ ڪارروائي دوران پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ ۾ ملوث هڪ افغان شهري مارجي ويو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر جي بيان موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ 6 فيبروريءَ تي ڪيل آپريشن ۾ پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ ۾ ملوث افغان شهريءَ کي ماري ڇڏيو. ماريل افغان شخص جي سڃاڻپ لقمان خان عرف نصرت جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو افغان صوبي خوست جي علائقي سپيرا جو رهائشي هو. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغان شهري هجڻ جي ناطي ان شخص جو لاش وٺڻ لاءِ عبوري افغان حڪومت سان رابطو ڪيو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر موجب ان قسم جا واقعا پاڪستان ۾ دهشتگرد سرگرمين ۾ افغان شهرين جي ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت آهن، اميد ته عبوري افغان حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪندي ۽ پاڪستان خلاف دهشتگردي جي ڪاررواين خلاف افغان سرزمين استعمال ٿيڻ نه ڏيندي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.