تازہ ترین

ڪورنگي: تيز رفتار ڊمپر موٽر سائيڪل سوار 3 نوجوانن کي ڇيپاٽي ماري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ ۾ ڊمپرز موت ورهائڻ بند نه ڪيو، ڪراچيءَ جي ڪورنگي ابراهيم حيدري جي علائقي ڪراسنگ ويندڙ تيز رفتار ڊمپر 3 موٽر سائيڪل سوار نوجوانن کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. نمائندن موجب حادثي کان پوءِ واقعي واري هنڌ موجود مڇريل شهرين ڊمپر کي باهه ڏئي ڇڏي، ٽنهي فوتي نوجوانن جا مڙهه جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا، فوتي نوجوانن ۾ آصف ۽ امجد جيلانيءَ جي سڃاڻپ ٿي سگھي، جڏهن ته ٽئين فوتي جي سڃاڻپ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. حادثي جو اطلاع ملڻ کان پوءِ پوليس جي ڳري نفري واقعي واري هنڌ تي پهچي وئي ۽ مڇريل ماڻهن کي موقعي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته حادثي بعد معمول جيان ڊمپر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پوليس موجب جنهن جي ڳولا جاري آهي، پوليس ڊمپر جي باهه وسائڻ جي لاءِ فائربرگيڊ عملي کي به طلب ڪري ورتو هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.