اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ ۾ ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻيءَ دوران جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته ايف بي علي پاڻ به هڪ سويلين ئي هو، جنهن جو ڪورٽ مارشل ڪيئن ٿيو؟ وڪيل سلمان اڪرم راجا جواب ڏيندي چيو ته ايف بي علي ڪيس ۾ 1962ع جي آئين مطابق فيصلو ٿيو، ايف بي علي ڪيس ۾ چيو ويو هو ته سويلينز جو ٽرائل بنيادي حق پورا ڪرڻ تي ئي ممڪن آهي، عدالت قرار ڏنو هو ته بنيادي حقن جي فراهمي ضروري آهي، ٽرائل ۾ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ناهي ٿي، جسٽس جمال خان مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته آرمي ايڪٽ مطابق فوجي عدالتن جا ڪهڙا اختيار آهن؟ ڇا عام شهري صرف ڏوهه جي بنياد تي فوجي عدالتن جي زمري ۾ اچي سگهي ٿو؟