تازہ ترین

March 7, 2025

Year : 2025

9 مئي سانحي جي جوابدارن جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ داخل حڪومتي اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) 9 مئي سانحي جي جوابدارن جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ داخل حڪومتي اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 10 مارچ کان اپيلن جي ٻڌڻي ڪندي. پنجاب سرڪار 9 مئي جي جوابدارن جون ضمانتون رد ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي.

سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ احتجاجي مظاهرا. سياسي، سماجي تنظيمون، شاگرد، سول سوسائٽي ۽ آبادگار سراپا احتجاج بڻيل. ڪراچي، ميهڙ، اوٻاوڙو، اڏيرو لال، فقير آباد، ڏئي ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا. آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي واشنگٽن ڊي سي ۾ […]

ناري جي مختلف ڳوٺن ۾ باهه جا واقعا، 4  گهرن کي باهه، سامان سڙي خاڪ

نارو (ويب ڊيسڪ) ناري جي مختلف ڳوٺن ۾ باهه جا واقعا، 4  گهرن کي باهه، سامان سڙي خاڪ. ناري ڀرسان ڳوٺ ارباب ملاح ۾ ڪوڙو ملاح ۽ غلام محمد ملاح جي  ڪکاون گهرن کي  اوچتو باهه لڳي وئي. باهه لڳڻ سبب پورهيتن جي گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو، باهه جي متاثرن […]

وڏي وزير جي صدارت هيٺ آبپاشي ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جو گڏيل اجلاس

ڪراچي (ويب ديسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ آبپاشي ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جو گڏيل اجلاس. صوبائي وزير علي حسن زرداري، سيد ناصر حسين شاهه، ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ڄامشورو ڦاٽڪ روڊ کي ڪوٽڙي بئراج […]

سنڌ سرڪار پاران نرسنگ ڪاليجن ۾ ٿيندڙ داخلائون آءِ بي اي سکر ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار پاران نرسنگ ڪاليجن ۾ ٿيندڙ داخلائون آءِ بي اي سکر ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو. سال 2024.25 جي سيشن لاءِ ٿيندڙ امتحان آءِ بي اي يونيورسٽي ذريعي ڪرائڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري. نرسنگ ڪاليجن ۾ بيچلر آف سائنس اِن نرسنگ، جينرڪ ۽ بي ايس اين جَي ڊگري پروگرام لاءِ داخلائن وارو امتحان […]

نيٽ ميٽرنگ جي بجلي گهٽ اگهن تي خريد ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) نيٽ ميٽرنگ جي بجلي گهٽ اگهن تي خريد ڪرڻ جي تجويز، حڪومت منصوبو آءِ ايم ايف سان شيئر ڪري ڇڏيو. منصوبي تحت نيٽ ميٽرنگ جي ٽيرف کي مناسب بڻايو ويندو ته جيئن گهرن جي ڇتين تي لڳايل شمسي توانائي جي نظام مان پيدا ٿيندڙ اضافي بجلي کي گهٽ قيمت تي خريد […]

داعش دهشتگرد شريف الله جي گرفتاري جو ڪريڊٽ پاڪستان کي وڃي ٿو: آمريڪي پرڏيهي ترجمان

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) داعش دهشتگرد شريف الله جي گرفتاري جو ڪريڊٽ پاڪستان کي وڃي ٿو، پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃون ٿا. آمريڪي پرڏيهي ترجمان ٽيمي بروس چيو آهي ته پاڪ افغان سرحد تان داعش دهشتگرد جي گرفتاري ظاهر ڪري ٿي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جو سهڪار انتهائي اهم آهي. شريف الله […]

پاڪستان جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ يمن لاءِ ڳالهين ۽ فوري انساني امداد جو مطالبو

نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) پاڪستان جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ يمن لاءِ ڳالهين ۽ فوري انساني امداد جو مطالبو. منير اڪرم چيو آهي ته پاڪستان کي يمن ۾ بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي. يمن تڪرار سنگين انساني، سياسي، معاشي ۽ ماحولياتي بحران پيدا ڪري ريو آهي. هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو خوراڪ جي عدم […]

آمريڪا ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو جي شين تي ٽيڪس هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (انٽرنيسنل ڊيسڪ) آمريڪا ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو جي شين تي ٽيڪس هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيرف 2 اپريل تائين ملتوي ڪرڻ لاءِ ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيح ڪري ڇڏي. آمريڪي صدر چيو آهي ته 2 اپريل آمريڪي تاريخ ۾ اهم ڏينهن هوندو، ڪينيڊا ۽ هندستان آمريڪي شين تي سڀ کان […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.