اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) 9 مئي سانحي جي جوابدارن جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ داخل حڪومتي اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 10 مارچ کان اپيلن جي ٻڌڻي ڪندي.
پنجاب سرڪار 9 مئي جي جوابدارن جون ضمانتون رد ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي.