نارو (ويب ڊيسڪ) ناري جي مختلف ڳوٺن ۾ باهه جا واقعا، 4 گهرن کي باهه، سامان سڙي خاڪ.
ناري ڀرسان ڳوٺ ارباب ملاح ۾ ڪوڙو ملاح ۽ غلام محمد ملاح جي ڪکاون گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي.
باهه لڳڻ سبب پورهيتن جي گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو، باهه جي متاثرن واهر جي اپيل ڪئي آهي.
چونڊڪو لڳ پٺاڻ ڪالوني ۾ الفت خان پٺاڻ جي گهر کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي، باهه لڳڻ سبب سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل.
ڳوٺ سڪندر آباد ۾ پورهيت محمد بخش نڌواڻي جي گهر کي باهه لڳي، جنهن سبب گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو، واهر جي اپيل،
سمورن باهه متاثر ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهرن کي لڳل باهه تي ضابطو آندو.