فيلڊ مارشل عاصم منير جو جنگ روڪڻ تي ٿورا مڃڻ لاءِ گھرايو هو: آمريڪي صدر
واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات منھنجي لاءِ اعزاز جي ڳالھه آھي.
پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي طاقتون آهن، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو پاڪستان جي آرمي چيف سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالھيون.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته فيلڊ مارشل عاصم منير جو جنگ روڪڻ تي ٿورا مڃڻ لاءِ گھرايو هو.
پاڪستان سان گڏ واپار جي معاهدي تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، پاڪستان عهديدارن سان ايران جي معاملي بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي، پاڪستان ايران کي اسان کان بهتر سڃاڻي ٿو.