ڀارت، پاڪ-ڀارت جنگ تي سو کان وڌيڪ فلمون پيو ٺاهي، ڀارت پاڪستان خلاف فلمن ۾ ئي کٽي سگهي ٿو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڀارتي ميڊيا بيرحميءَ سان غلط ڄاڻ پکيڙي رهي آهي، پاڪستان بابت حقيقت پکيڙڻ جي ضرورت آهي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته ڀارت، پاڪ-ڀارت جنگ تي سو کان وڌيڪ فلمون ٺاهڻ وارو آهي، ڀارت، پاڪستان خلاف فلمن ۾ ئي کٽي سگهي ٿو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري بند آهي.
پاڪستان انٽرنيشنل فلم جي هتي سٺي جڳھه آهي، گذريل سال سنڌ حڪومت فلمون ٺاهڻ لاءِ معاوضي جو اعلان ڪيو هو.