تازہ ترین

ايران جو صبح سوير اسرائيل تي ميزائيل حملو، وڌيڪ 4 اسرائيلي مارجي ويا، هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي

ايراني حملن بعد حيفا جي پاور پلانٽ کي باھه لڳي وئي، اسرائيل جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي جي فراهمي بند

تل ابيب (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران جو صبح سوير سان اسرائيل تي ميزائيل حملو، اسرائيلي دفاعي نظام ايراني ميزائيل روڪڻ ۾ ناڪام، وڌيڪ 4 اسرائيلي مارجي ويا، هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي.

ايراني ميزائيل حملن کان پوءِ حيفا جي پاور پلانٽ کي باھه لڳي وئي، اسرائيل جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي بند، تل ابيب ۾ به تباهي، ڪيتريون عمارتون ۽ گاڏيون ڍير بڻجي ويون.

اسرائيل پاران تهران ويجهو ايران جي ميزائيل ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ، فردو پاور پلانٽ ڀرسان ڌماڪو، ٻه ڏهائي 5 جِي شدت سان زلزلو.

پاسداران انقلاب انٽيليجنس سربراهه، نائب سميت شهيد، ايراني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين 224 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن، شهيدن ۾ 90 سيڪڙو عام شهري آهن.

ايراني پرڏيهي وزارت جي عمارت تي اسرائيلي حملو، تهران ۾ پاڻي جي مرڪزي پائيپ لائين کي به نشانو بڻايو ويو.

شهيد ايٽمي سائنسدانن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو، ايراني ڪمانڊرز پاران 44 اسرائيلي ڊرونز ۽ ڪواڊ ڪاپٽرز ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.