ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن مسئلن جو حل سفارتڪاري ذريعي ممڪن آهي: برسلز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب
برسلز (انٽرنيشنل ڊيسڪ) بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي.
ڀارت سان جنگبندي ته ٿي وئي پر امن ناهي ٿيو، ڪشمير سميت سمورن مسئلن جو حل سفارتڪاري ذريعي ئي ممڪن آهي.
پاڪستاني پارلياماني وفد جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري جي برسلز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڙيسري ملڪ پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري پيو.
هن چيو ته ڀارت پاران پاڻي بند ڪرڻ واري ڌمڪي پاڪستان کي چڙ ڏيارڻ جي ڪوشش هئي، پاڪستان ڳالهين تي يقين رکي ٿو، پر ڀارت هميشه ڳالهين کان انڪار ڪيو.
بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون نه ٿيون ته ڇڪتاڻ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو، هو چاهن ٿا ته عالمي برادري امن لاءِ ٽياڪڙي ڪري.