ايران تي اسرائيل جي غيرقانوني حملي جي پاڪستان مذمت ڪري ٿو: گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندو
نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو آهي ته ايران کي گڏيل قومن جي چارٽر تحت پنھنجي دفاع جو حق آھي.
ايران تي اسرائيل جي غيرقانوني حملي جي پاڪستان مذمت ڪري ٿو، ايران تي حملي بابت گڏيل قومن جي اجلاس کي پاڪستاني سفير عاصم افتخار جو خطاب.
هن جو چوڻ هو ته اسرائيلي حملو ايران جي خودمختاري ۽ علائقائي سلامتي جي ڀڃڪڙي آھي، اسرائيلي حملا امن، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آھن.
ايراني درخواست تي گڏيل قومن جي گھرايل اجلاس کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته اسرائيل طرفان خودمختياري جي لاڳيتي ڀڇڪڙيون معمول بڻجنديون پيون وڃن.