مودي طرفان پهلگام واقعي جا ثبوت پيش نه ڪيا ويا: برسلز ۾ يورپي ٿنڪ ٽينڪس کي خطاب
برسلز (انٽرنيشنل ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدو غير قانوني طور معطل ڪيو.
ڀارت پاڪستان جي آڇ ٺڪرائي اڳرائي ڪئي، مودي حڪومت طرفان پهلگام واقعي بابت ثبوت پيش نه ڪيا ويا.
برسلز ۾ پارلياني وفد جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري يورپين ٿنڪ ٽينڪ کي خطاب ڪندي چيو ته ماحولياتي وسيلن کي هٿيار بڻائڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.
ڀارت پاڻي روڪيو ته پاڪستان ان جو جواب ڏيندو، پاڪستان ڀارت سان سمورن مسئلن لاءِ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻن ايٽمي ملڪن ۾ڇڪتاڻ دنيا لاءِ به خطري جي گهٽي آهي، خطي ۾ امن لاءِ ڪشمير جي مسئلي جو حل چاهيون ٿا.
هن چيو ته ڀارت بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهي، سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ خطي جو امن خراب ڪرڻ آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته ڀارت جي اڳرائي جو جواب پاڪستان پنهنجي بچاءَ ۾ڏنو، ايران تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪريون ٿا.