اسرائيلي حملو ايران جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي، ان قدم عالمي قانون جي بنياد کي لوڏي ڇڏيو آهي: اسحاق ڊار
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان پاران ايران تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪري ڇڏي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملو ايران جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهي، اهڙي قدم عالمي قانون جي بنياد کي لوڏي ڇڏيو آهي.
ايران تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪيون ٿا، سعودي عرب به ايران تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪري ڇڏي.
سعودي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته حملي سان ايران جي خودمختياري ۽ سلامتي کي نقصان پهتو، ايران تي حملو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.
جنگ روڪڻ جي ذميواري عالمي برادري جي آهي، ايران خلاف اسرائيلي جي اڳرائيءَ جي سخت مذمت ڪريون ٿا.