وڏي وزير جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس، چيف سيڪريٽري، صوبائي وزير، صلاحڪار ۽ لاڳاپيل آفيسر شريڪ
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا ايندڙ مالي سال لاءِ 345 ڏهائي 87 ارب رپين جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، چيف سيڪريٽري، صوبائي وزير، صلاحڪار، خاص مددگار ۽ لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا.
ڪابينا اجلاس دوران مالي سال26- 2025ع جي بجيٽ تجويزن تي غور ڪيو ويو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سڄي صوبي مان بجيٽ تجويزون ورتيون ويون آهن.
پيپلزپارٽي هميشه عوامي ۽ قومي مفادن کي اوليت ڏني آهي، هن ڀيري به بجيٽ عوامي ترجيحن کي نظر ۾ رکندي پيش ڪئي ويندي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن کي به رليف ڏنو ويندو.