ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت نئين مالي سان 26-2025 جي بجيٽ تيار ڪري ورتي.
سنڌ اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس سڀاڻي منجهند جو 3 وڳي طلب، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه نئين مالي سال جي 3 هزار 3 سئو ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ ٽئڪس اوڳاڙين جو هدف 8 سئو ارب کان وڌيڪ مقرر ڪيو ويو آهي.
بجيٽ ۾ تعليم لاءِ 550 ارب، صحت کاتي لاءِ 340 ارب رکڻ جي تجويز، مڪاني کاتي لاءِ350 ارب، گهرو کاتي لاءِ 200 ارب رکيا ويندا.
ٽرانسپورٽ لاءِ 75 ارب رپيا رکڻ جي تجويز، صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 493 ارب رپين مان وڌائي 503 ارب رپيا رکڻ جي تجويز، نئين اسڪيمن لاءِ 183 ارب رپيا ويندا.