اسرائيل ايران تي حملي جو اڳواٽ اطلاع آمريڪا کي پڻ ڏئي ڇڏيو آهي
نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ڪنهن به وقت ايران تي حملو ڪري سگهي ٿو.
اسرائيل ايران تي حملي جو اڳواٽ اطلاع آمريڪا کي پڻ ڏئي ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب اسرائيلي اختيارين آمريڪا کي ٻڌايو آهي ته اسرائيل ايران ۾ آپريشن لاءِ مڪمل تيار آهي.
ايران اسرائيلي حملي جي رد عمل طور عراق ۾ موجود آمريڪي سائيٽس تي حملا ڪري سگهي ٿو، جنهن سبب آمريڪا پنهنجي ڪجهه شهرين کي وچ اوڀر مان ترت نڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.