ٻن ٽن سالن دوران بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي ٿي آهي: توانائي وارو وفاقي وزير
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته بجلي جا اگهه گهٽائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن.
ورڪشاپ کي خطاب ڪندي اويس لغاري چيو ته ٻن ٽن سالن دوران بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي ٿي آهي، آءِ پي پيز سان معاهدن تي نظرثاني ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته ٽرانسميشن جي نظام ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، بجلي جي نظام ۾ ڀاشا ڊيم جي شموليت اهم هوندي.
اويس لغاريءَ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪوئلي ۽ گئس تي هلندڙ بجلي گهرن بابت ڪوشش آهي ته ماحوليات تي اثر نه پوي.