عالمي برادري امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ لاءِ گڏيل قومن جي ڪامياب پاليسين تي عمل ڪري: پيغام
لاچين (انٽرنيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي امن مشن کي پيش ايندڙ خطرن تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو گڏيل قومن جي امن دستن جي عالمي ڏينهن تي پيغام جاري ڪندي چيو ته عالمي برادري امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ گڏيل قومن جي ڪامياب پاليسين تي عمل جو عزم ورجائي.
گڏيل قومون امن فوج کي پيش ايندڙ چئلينجز تحت صلاحيتن کي ٻيڻو ڪري، 2 لک 38 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني امن دستن 48 مشنز ۾ خدمتون پيش ڪيون
وزيراعظم شهباز شريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته 181پاڪستاني امن فوجين عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون.